Ulhas Nagar Nama News Peoples.Sindhi
Would you like to react to this message? Create an account in a few clicks or log in to continue.

کچھ سندھی شاعری آپ کے لیےSindhi Poetry for You

Go down

کچھ سندھی شاعری آپ کے لیےSindhi Poetry for You Empty کچھ سندھی شاعری آپ کے لیےSindhi Poetry for You

Post  Admin Mon Aug 10, 2009 12:19 pm

حسام ميمڻ

ڄڻ قبر منهنجي پٺيان لڳل هجي.......!

ڪالهه هو مري ويو
جيڪو سٺا ڪپڙا پائيندو هو
جيڪو ڪلين شيو هو
بنا خوشبو جي
جيئڻ ڄڻ بيڪار هو لڳندو هن کي
اوچتو مري ويو هُو
سبسب پڇيو ته سولو هو
دل جو دور بند ٿي ويس
اف.....!
ڪجهه ئي ساعتن ۾
خوش کلندو
۽ ڪڏندو آيو
آهليو
جهٽ کانپوءِ ڪنهن
چاءِ پيئڻ لاءِ کيس اٿاريو
پر نه اٿيو
ڊاڪٽر آيو
هيڏانهن هوڏانهن چيڪ ڪري چيائين:
حوصلو..هي هاڻي ڪڏهن نه اٿندو
هن کي پورڻ وڃون پيا اڄ
قبرستان اچي ويو
عجيب ۽ غريب قسم جا کبڙ آهن هتي
ائين پئي لڳو
ڄڻ هتي ڪا جنگ لڳي هجي
۽ ڪو به فاتح نه هو
۽ نڪو مفتوح نظر آيو
ڀڳل ٽٽل قبرون،
ڪي قبرون ته ڪتا پيا کوٽن
سنها سنها جيت،
ڪوليون ۽ ماڪوڙا
ڀرسان هڪ تلاءَ وانگر سم
جتان هوا ڌپ کڻي ٿي آئي
اهو ڄڻ قبرستان جو عطر هجي
منهنجي ڪلهي تي پوتڙو آهي
جيڪو مون
گرمي، اس ۽ ڊسڙ ڪري کنيو هو
پوتڙي جو پلو هڪ قبر جي ڪانڊيري ۾ ڦاسي ٿو
مون کي ائين لڳو
ڄڻ ڪانڊيري کي قبر چيو:
”هن کي روڪ
هن کي ياد ڏيار
ته تون به اڄ نه سڀان هتي ايندين!“
منهنجي من ۾ ڪيئي خيال
ڪر کڻي جاڳن ٿا
مونکي قبر ائين چوي ٿي
”اڄ يا سڀاڻي تون به ايندين!“
مان تڪڙو تڪڙو پلو ڇڏائي
ماڻهن ڏانهن وڃان ٿو
مردو دفنائي واپس اچون ٿا
پوءِ به ائين الاءِ ڇو ائين لڳي ٿو
ڄڻ قبر منهنجي پٺيان لڳل هجي!

06/08/2009

Admin
Admin

Posts : 4
Join date : 10.08.2009

https://ulhasnagarnama.forumur.net

Back to top Go down

Back to top


 
Permissions in this forum:
You cannot reply to topics in this forum